چشتي خواجه معين الدين جو روضو

چشتي خواجه معين الدين جو روضو

چشتي خواجه معين الدين

چشتي خواجه معين الدين: هندستان ۾ چشتي سلسلي جي باني ۽ بزرگ ولي خواجه معين الدين چشتيءَ جي ولادت 536هه/1141هه ۾ سيستان جي ڳوٺ سنجر ۾ ٿي. خواجه صاحب هندستان جي شهر اجمير ۾ 633هه/ 1235ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو به اجمير ۾ آهي. سندس والد خواجه غياث الدين حسين وڏو واپاري ۽ اثر وارو انسان ٿي گذريو آهي. چشت ۾ بدامني ڏسي والد سان گڏ خراسان هليو ويو. پندرهن سالن جو هو ته والد فوت ٿي ويس. هڪ سال پوءِ سندس ماءُ پڻ فوت ٿي. کيس ورثي ۾ باغباني ملي. هڪ ڀيري سندس ملاقات هڪ مجذوب ابراهيم قلندروزيءَ سان ٿي ته خواجه جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. روزگار جا وسيلا وڪڻي غريبن ۾ تقسيم ڪري سمرقند ۽ بخارا هليو ويو. قرآن حفظ ڪيائين ۽ رائج ديني تعليم جا سڀ ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. خواجه عثمان هارونيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري تصوف جون منزلون طئي ڪيائين.
اڍائي سالن کانپوءِ مڪي، مديني ۽ عرب دنيا جي ڪجهه ٻين شهرن جو سفر به ڪيائين. افغانستان ۽ ايران جي اڪثر شهرن مان ٿيندو تبليغ ۽
هدايت لاءِ هندستان پهتو. لاهور ۾ داتا جي درٻار ۾ به ڪجهه عرصو گذاري دهليءَ پهتو. اهو شهاب الدين غوريءَ جو دور هو. بعد ۾ اجمير پهتو ۽ دين جو فلسفو عام ڪيائين. لکين ماڻهن خواجه صاحب جي صحبت ۾ اسلام قبول ڪيو. ڪي ڪتاب به ڏانهس منسوب آهن. مغل بادشاهه، درگاهه اجمير جو خاص خيال رکندا هئا. اڪبر بادشاهه ڪجهه موقعن تي آگري کان اجمير پيرين پيادل آيو. خواجه بختيار ڪاڪي (دهلي) سندس خاص خليفو هو. خواجه معين الدين جو عرس هر سال 6 رجب تي ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو